علي آباد امام بارگاهه

علي آباد امام بارگاهه: علي آباد نالي سان امام بارگاهه حيدرآباد جي قديم امام بارگاهن مان هڪ آهي. علي آباد جو بنياد سنڌي مرثيه گوئيءَ جي باني سيد ثابت علي شاهه ڪربلائيءَ جي شاگرد رشيد ميرزا مراد علي بيگ سائل جي پٽ ميرزا فتح علي بيگ 1863ع ۾ رکيو. ميرزا فتح علي بيگ حيدرآباد ۾ ٽنڊي آغا واري قديم علمي ادبي پاڙي ۾ زمين خريد ڪري پنهنجي رهائشگاهه ۽ امام بارگاهه علي آباد تعمير ڪرايا. 1863ع ۾ ميرزا فتح جي تعمير ڪرايل علي آباد واري پِڙ جي خسته حالت ٿيڻ کانپوءِ ازسرنوُ 1925ع ۾ سندس پوٽي سلطان الذاڪرين ميرزا امام علي بيگ علي، علي آباد تعمير ڪرايو. 1901ع ڌاري هن ئي امام بارگاهه ۾ ميرزا ٻڍل بيگ هڪ بلند علم نسب ڪرايو، جيڪو اڄ تائين حيدرآباد جو قديم ترين ۽ وڏي ۾ وڏو علم آهي. سال 1956ع ۾ امام بارگاهه جي باني ميرزا فتح علي بيگ جي پڙ پوٽي ميرزا علي محمد بيگ از سرنوُ علي آباد تعمير ڪرايو. 1956ع کان وٺي 1996ع تائين هن امام بارگاهه جي مختلف وقفن ۾ مرمت ٿيندي رهي ۽ 1998ع ۾ سڄي امام بارگاهه جي مرمت سان گڏ ڀتين ۽ فرش تي ماربل هڻائڻ جو ڪم ميرزا فياض علي بيگ جي گهر واريءَ ڪرايو.علي آباد واري پڙ ۾ 1863ع کان سڄي سنڌ ۽ هنڌ کانسواءِ ايران ۽ عراق جا به وڏا جيد عالم، مجتهد، ذاڪر، مرثيه خوان ۽ شاعر ايندا رهندا آهن. امام بارگاهه جي تمام خسته حالت ٿي وڃڻ کانپوءِ 2016ع ۾ سڄي امام بارگاهه ٽوڙائي از سر نوُ حضرت علي عليه السلام جي روضي مبارڪ جهڙو تعمير ڪرائڻ جو پڪو ارادو اڳوڻي ڊي آءِ جي جيل ميرزا شجاع حيدر بيگ ڪيو، جنهن علي آباد جي باني ميرزا فتح علي بيگ ‘فتح’ جي سموري اولاد سان صلاح مشورو ڪري، امام بارگاهه علي آباد جي تعمير جو ڪم شروع ڪرايو، جيڪو 2017ع ۾ جڙي راس ٿيو. هيءَ تعمير ميرزا شجاع حيدر بيگ ۽ باني ميرزا فتح علي بيگ جي اولاد ملي ڪري گڏجي تعمير ڪرائي آهي پر سَهرو وري به ميرزا شجاع حيدر بيگ جي سر تي آهي. هن امام بارگاهه ۾ مجلسون، ميلادون ۽ محفلون ٿينديون رهن ٿيون. هر جمعرات ماتمداري ۽ مجلس پڻ ٿيندي آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو